سنڌ هاءِ ڪورٽ سرمائيڪاري جي نالي تي شهرين سان وڏي پيماني تي فراڊ جي ڪيس ۾ ڌرين کان حلفيه بيان طلب ڪري ورتا. عدالت ۾ سرمائيڪاري جي نالي تي شهرين سان وڏي پيماني تي فراڊ جي ڪيس ۾ ڊي جي نيب ڪراچي، نيب چيئرمين ۽ ٻين جي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪمن موجب جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي درخواستگذار جي وڪيل جواب ڏنو ته نيب طرفان معاملي جي باضابطه جاچ نه ڪئي وئي، متاثرين جا بيان وٺڻ کان سواءِ جاچ مڪمل ڪئي وئي. عدالت چيو ته اوهان جي مرضي موجب جاچ نه ٿيندي، اوهان جي درخواست اڪلائي وئي هئي، عدالتي آرڊر موجب جاچ ٿي چڪي آهي، هي ڪو سڄي زندگي هلڻ وارو ڪيس نه آهي. جنهن کان پوءِ عدالت توهين عدالت ڪيس ۾ ڌرين کان 2 هفتن ۾ جوابي حلفيه بيان طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
16