14

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي چوڌري شجاعت سان ملاقات، اسلام آباد جا نوان روڊ شهيدن جي نالن سان جوڙڻ جو اعلان

 وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ تعمير ٿيندڙ نوان روڊن جا نالا شهيدن جي نالن سان جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزير گلبرگ ۾ مسلم ليگ(ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان ان جي رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، صوبائي وزير شافع حسين به انهي موقعي تي موجود هو. چوڌري شجاعت ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن ڌماڪي جي مذمت ڪندي وفاقي حڪومت کان تعمير ٿيندڙ نون روڊڻ کي شحيدن جي نالن سان جوڙڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي گهرو وزير اسلام آباد ۾ تعمير ٿيندڙ نون روڊن روڊن کي شهيدن جي نالن سان جوڙڻ جو اعلان ڪيو. محسن نقوي چيو ته ٻين صوبن جي وڏن وزيرن سان انهي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهيون ڪيون وينديون، شهيدن پنهنجي رت سان امن امان جي فضا پيدا ڪئي آهي، شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهيون ۽ هميشه انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين. ملاقات دوران چوڌري شجاعت چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستانين جي قربانين جو سلو سڄي دنيا کان نٿو ملي. پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو