10

پارليامينٽ ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪري ڇڏيا، جڏهن هوش ايندو ته گهڻي دير ٿي چڪي هوندي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته پارليامينٽ ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪري ڇڏيا آحن، جڏهن هوش ايندو ته گهڻي دير ٿي ويندي. هاءِ ڪورٽ ۾ نيب جي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته بنا ڏندن وارو نيب به هاڻ مزا ڪري ۽ ماڻهو به. جسٽس محسن اختر ڪياني اهم ريمارڪس ڏنا ته نيب ڪرپشن ڪيس جي انڪوائري شروع ڪرڻ کان اڳ ڏسي به وٺي ته هاڻ جاچ ٿي به سگهي ٿي يا نه؟ پارليامينٽ اربين روپين جي ماليت جا ڪرپشن ڪيس ختم ڪري ڇڏيا. جسٽس محسن اختر ڪياني وڌيڪ چيو ته هڪ سئو کان وڌيڪ وڏا ڪرپشن جا ڪيس ختم ٿي چڪا آهن. ڪرپشن ڪيسز جا جوابدار پرڏيهه هليا ويا آهن. جڏهن پارليامينٽ کي هوش ايندو ته تمام گهڻي دير ٿي چڪي هوندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو