15

پريالوءِ : ٻن قتلن ۾ ملوث جوابدارن رات ٻيهر حملو ڪري شديد فائرنگ ڪئي

پريالوءِ : ٻن قتلن ۾ ملوث جوابدارن رات ٻيهر حملو ڪري شديد فائرنگ ڪئي اطلاع باوجود برادي جتوئي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي نه ئي ڪيس داخل ڪيو ٿو وڃي ڳوٺ تڳيل موهل جي رهواسين جو احتجاج ان حوالي سان برادي جتوئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ تڳيل موهل جي رهواسين مسمات ھدايت خاتون موهل مسمات شمل خاتون ھادي بخش صدرالدين عبدالله موهل ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته ٻه مهينا اڳ جوابدارن رستي ويندي اسان جي نوجوان رابيل موهل ۽ گهر ٻاهران زمين تي ڪم ڪندڙ نوجوان مسمات صاحبا خاتون موهل کي بيگناھ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو جنهن جو ڪيس جوابدارن سڪندر موهل عبدالستار طارق بابر نويد موهل سميت 20 جوابدارن تي داخل ڪرايو آهي پر برادي جتوئي پوليس هن وقت تائين هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي ويتر ساڳين ئي جوابدارن وانگارو ماڻهو وٺي جديد هٿيارن سان اسان جي گهرن مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران گوليون لڳڻ ڪري سولر پليٽون ٽٽي تباھ ٿي ويون جڏهن ته ٻيو مالي نقصان پڻ ٿيو آهي جنهن جو اطلاع فوري طور تي برادي جتوئي ٿاڻي تي ڏنو پر پوليس اچڻ تي پري جي ڳالهه آهي پر ڪيس داخل نه ٿي ڪري هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان ۽ ناري جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو