جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته فلسطين جي آزادي جي جدوجهد ۾ اسان فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهيون.جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان اسلام آباد ۾ فلسطين جي سفير ڊاڪٽر زبير زيد سان ملاقات ڪئي. حافظ نعيم الرحمان پاڪستان ۾ مقرري تي نئين فلسطيني سفير کي ڀليڪار چيو. انهي موقعي تي هن چيو ته فلسطين جي آزادي جي جدوجهد ۾ اسان فلسطيني عوام سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهيون. فلسطين جي حوالي سان اسان جي ساڳئي پاليسي آهي جيڪا قائداعظم محمد علي جناح جي پاليسي هئي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته بيت المقدس جي آزادي هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، جڏهن ته فلسطين جي مسئلي تي پوري پاڪستاني قوم گڏ ۽ هڪ آواز آهي. الخدمت فائونڊيشن غزه جي عوام جي امداد لاءِ پنهنجون سرگرميون جاري رکندي.فلسطيني سفير ڊاڪٽر زبير زيد انهي موقعي تي چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ جماعت اسلامي پاڪستان جي ڪاوشن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. فلسطيني پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. هن چيو ته صيهوني نظريات سان پوري خطي جي امن کي خطرا آهن، اسان اسلامي ملڪن جي حڪومتن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا پر وڌيڪ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
8