11

“اسلام آباد عدالت ۾ عمران خان ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ بريت”

پي ٽي آءِ باني کي عدالت مان هڪ ٻيو رليف ملي ويو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ٻين جي لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ بريت جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.سيشن عدالت جي جج ياسر محمود عمران خان سميت ٻين سياسي اڳواڻن کي لانگ مارچ ۽ ڀڃ ڊاهه جي هڪ ٻئي ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو.
بري ٿيندڙن ۾ اسد قيصر، سيف الله نتازي، شيخ رشيد، صداقت عباسي، فيصل جاويد ۽ علي نواز اعواڻ به شامل آهن.
پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف 20 آگسٽ 2022 تي آبپارا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو