وفاقي راڄڌاني ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي شدت 5.3 رڪارڊ ڪئي وئي. اسلام آباد، پشاور ۽ مضافات ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو، جيڪي عمارتن ۽ آفيسن مان ڪلمه طيبه جو ورد ڪندا ٻاهر نڪري آيا.خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جن ۾ نوشهره، ايبٽ آباد، هري پور، مانسهره ۽ هزاره جي ٻين ضلعن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ان کان علاوه اٽڪ، مهمند، لنڌي ڪوتل، صوابي، تيره، شانگلا، مالاڪنڊ، بونير، خيبرپختونخواه، سوات، ديرلوور، چارسده ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.3 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، زلزلي جو مرڪز هندوڪش جبل هو، جڏهن ته زلزلي جي گهرائي 220 ڪلوميٽر زير زمين رڪارڊ ڪئي وئي.
8