ايف بي آر چيئرمين ايراني گاڏين تي به ٽيڪس لڳائڻ جي سفارش ڪندي چيو آهي ته پرڏيهي وزارت جي ذريعي ايراني سفير سان ڳالهيون ڪيون وڃن.سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت قائمه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايراني اختيارين طرفان پاڪستاني واپاري گاڏين تي 10 سيڪڙو ٽيڪس وصولي جي معاملي جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ سينيٽر منظور احمد ڪاڪڙ چيو ته ايران بارڊر تي پاڪستان ڪمرشل گاڏين کان ايران 10 سيڪڙو ليوي وصول ڪري رهيو آهي، ايران ۾ هر هڪ ڪلو ميٽر اندر وڃڻ تي ڪمرشل گاڏين کان وڌيڪ هڪ ڊالر في ڪلو ميٽر چارج ڪيو ويندو آهي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته پاڪستان ايندڙ ايراني ڪمرشل گاڏين کان ڪوبه ٽيڪس چارج وصول نٿو ڪيو وڃي. ايران پاڪستاني واپارين کان ليوي وصولي بند ڪري يا پوءِ پاڪستان کي به ٽيڪس وصول ڪرڻ گهرجي، ناڻي واري وزارت جو هن ۾ اهم ڪردار بڻجي ٿو.بلوچستان عوامي پارٽي سان تعلق رکندڙ ميمبر دنيش ڪمار چيو ته بطور ايف بي آر چيئرمين اسمگلنگ جي روڪٿام وارن اختيارن جي غلط استعمال کي به روڪي ۽ اختيارن جي غلط استعمال جي جاچ ڪرائي وڃي. ايف بي آر چيئرمين جواب ڏنو ته اوهان پنهنجي مرضي جي ايماندار آفيسرن جا نالا ڏئي ڇڏيو اسان انڪوائري ڪنداسين جنهن تي دنيش ڪمار چيو ته اسان کي اوهان تي ڀروسو آهي اوهاڻ پاڻ انڪوائري ڪميٽي ٺاهي ڇڏيو.ايف بي آر چيئرمين يقين ڏياريو ته اسان انڪوائري ڪميٽي ٺاهي انڪوائري ڪري رپورٽ ناڻي واري قائمه ڪميٽي آڏو پيش ڪنداسين جنهن ڪاروباري شخص شڪايت ڪئي آهي انهي جي خلاف ڪنهن به قسم جي انتظامي ڪارروائي نه ٿيندي. ڪميٽي اجلاس ۾ ميمبرن انڪشاف ڪيو ته بينڪن جي اي ٽي ايم مشينن مان جعلي نوٽ نڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن تي اسٽيٽ بينڪ اختيارين ٻڌايو ته ننڍن صوبن ۾ 3334 بينڪ برانچز آهن پوري ڪوشش هوندي آهي ته صارفين کي تحفظ ڏنو وڃي.
