31

“سردار معظم خان عباسي جو اعتراف: سياسي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ سستي ۽ ڪوتاهين جو اعتراف، سنڌ دشمن منصوبن تي صدر زرداري کي ذميوار قرار”


پريالوءِ (رپورٽر) جي ڊي اي اڳواڻ سردار معظم خان عباسي چيو آهي ته سياسي پليٽفارم تي اسان کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها، اهو نه ڪيو آهي ۽ ان ۾ اسان جي سستي ۽ ڪجھ ڪوتاهيون آهن، جنهن سبب اسان پنهنجو اهو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا آهيون جيڪو ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو اسان کي متبادل طور ڏسي رهيا آهن. پير سائين پاڳارو اقتدار ڇڏي، سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيٺل آهن. هن اهڙو اظهار پيرجوڳوٺ ۾ حر فري ايمبولينس سروس جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سردار معظم خان عباسي 26 آئيني ترميم جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اها ترميم صرف عدالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي. سنڌ مان 6 ڪينال ٺاهڻ جي حوالي سان هن چيو ته سنڌ دشمن منصوبن بابت بل پيش ڪرائڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ جو ذميوار صرف صدر آصف علي زرداري آهي، ڇو ته اهو ئي هن وقت ملڪ جون واڳون سنڀالي ويٺو آهي. ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ غلام شبير گهمرو، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي پيرجوڳوٺ عبدالغفار ميمڻ، سيد مشرف شاهه راشدي، غازي خان خاصخيلي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو