سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت II جي جج محمد محبوب اعواڻ 9 ڄڻن کي قتل ۽ 7 ماڻهن کي زخمي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ راجا عرف راجو ناريجو کي موت، 30 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
خيرپور ۾ 11 جنوري 2009 تي هٿياربندن فائرنگ ڪري شيخ برادري جي 6 ۽ متلو برادري جي 3 ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويلن ۾ محمد عيسيٰ شيخ، نعمت الله شيخ، غلام عباس شيخ، نديم شيخ، ذوالفقار شيخ، عرفان شيخ، نيڪ محمد ميتلو، پاجل ميتلو ۽ رجب ميتلو شامل آهن. عدالت ۾ درخواستگذار جي طرفان پبلڪ ايڊووڪيٽ منور ماتلو ۽ جوابدار طرفان ضمير گهانگهرو عدالت ۾ پيش ٿيا.
واضح رهي ته خيرپور جي عدالت 9 قتل ڪيس ۾ اڳ ئي 6 جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي هئي.
9