پي ٽي آءِ باني عمران خان 24 نومبر تي اسلام آباد مارچ جو سڏ ڏئي ڇڏيو.اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني اسلام آباد مارچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، پر هن ڪميٽي جا نالا منظرعام تي آڻڻ کان انڪار ڪيو آهي. باني جو چوڻ هو ته جيڪڏهن نالا ٻڌايا ته گرفتاريون ٿينديون.
سندس موجب، عمران خان چيو آهي ته 24 نومبر تي احتجاج جو مرڪز اسلام آباد هوندو. احتجاج نه رڳو پاڪستان ۾، پر سڄي دنيا ۾ ٿيندو. احتجاج تيستائين جاري رهندو، جيستائين مطالبا تسليم نٿا ٿين. عمران خان چيو ته هي فائنل ڪال آهي. اسان جو مطالبو آهي ته 26هين ترميم واپس ورتي وڃي ۽ اسان جو مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي، بنا ٽرائل گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي.فيصل چوڌري ٻڌايو ته عمران خان چيو آهي ته احتجاج ۾ پي ٽي آءِ جي سموري ليڊرشپ نڪرندي ۽ سڄي پارٽي کي خبر آهي ته ڪنهن کي ڇا ڪرڻو آهي. جڏهن ته احتجاج ختم ڪرڻ جو اختيار ڪميٽي کي هوندو. پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي علي امين گنڊاپور به قافلن سان نڪرندو.هوڏانهن، عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو ته پي ٽي آءِ باني فائنل ڪال ڏني آهي ۽ هڪ هڪ ڪارڪن کي مخاطب ٿي چيو آهي ته سڄي پاڪستان ۾ نڪرڻو آهي.
7