عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ۽ ناڻي واري وزارت وچ ۾ اهو اتفاق ٿي ويو آهي ته مني بجيٽ نه آندو ويندو، ٽيڪس حدف 12 هزار 970 ارب روپيه برقرار رهندو. جڏهن ته پيٽروليم مصنوعات تي جنرل سيلز ٽيڪس به لڳايو ويندو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن ۽ معاشي ٽيم جي وچ ۾ اڄ ڳالهين جا 2 دورا ٿيا. ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف مشن وچ ۾ مقامي قرض تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن ٻڌايو آهي ته ناڻي واري وزارت جي اختيارين آءِ ايم ايف مشن کي مقامي قرض تي بريفنگ ڏني. آءِ ايم ايف جي طرفان مقامي قرض بابت اعتراض نه اٿاريو ويو.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت مقامي قرض کي لاڳيتو گهٽ ڪري رهي آهي. مقامي قرضن جي ادائيگي جو مدو وڌائي رهيا آهيون. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن کي گراس فنانسنگ ۽ ڊيبٽ ميچورٽي، حڪومتي سطح تي ڊيجٽلائزيشن، آرٽيفيشل انٽيجلنس قدمن کان پوءِ روينيو وصولين ۾ بهتري تي به بريفنگ ڏني وئي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن چيو آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڪيترن ئي نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي جنهن ۾ اهو به شامل آهي ته مني بجيٽ نه آندو ويندو جڏهن ته 12 هزار 970 ارب جو حدف برقرار رهندو ۽ پيٽروليم مصنوعات تي جنرل سيلز ٽيڪس به نه لڳايو ويندو.ذريعن موجب ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 8.8 مان وڌائي 10.3 سيڪڙو ٿيڻ تي آءِ ايم ايف مطئن آهي، انهي کان علاوه آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو ويو آهي ته زرعي شعبي مان ٽيڪس وصولي ايندڙ سال کان شروع ٿي ويندي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان واپاري دوست اسڪيم ۾ ڪجهه تبديلين تي ڳالهين جو امڪان آهي 3 مهينن ۾ ريٽيلرز کان 12 ارب روپيه ٽيڪس جمع ڪيو ويو ۽ رجسٽرڊ واپارين جو انگ 2 لک مان وڌي 6 لک تائين پهچي ويو آهي.
10