32

“نقلي ڀاڻ جي وڪرو سبب آبادگارن کي وڏي مالي نقصان، ازالي لاءِ اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو”

پريالوءِ(رپورٽر )پريالوء ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ نقلي ڀاڻ جو ڪاروبار بند نه ٿي سگهيو،نقلي ڀاڻ هلڻ خلاف آبادگار سخت پريشان، وڌيڪ آبادگارن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀاڻ جا ڊيلر نقلي ڀاڻ وڪرو ڪري اسان جي فصلن کي نقصان پهچائي رهيا آھن نقلي ڀاڻ جي وڪرو ٿيڻ سبب ڪروڙن جو نقصان ٿيو آھي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي آبادگارن ڊي سي خيرپور اي سي ڪنگري ۽ ايگريڪلچر کاتي جي اعلي اختيارين کان نقلي ڀاڻ جي وڪري جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪروڙن جي ٿيل نقصان جي ازالو ڪيو وڃي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو