15

“ٻوڏ سبب پاڪستان کي 60 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، ڪيل واعدن تي عملدرآمد ضروري آهي: وزيراعظم”

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب 2022 ۾  ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جي ڪري پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن وقت تي قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ نقصان ٿيندو.آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪوپ 25 سمٽ سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ اسڪولن، گهرن ۽ فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو. ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ لکين ايڪڙ  زرعي زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳيان اچڻو پوندو.هن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته پاڪستان جيان ٻيا ملڪ به تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏين. پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.

وزيراعظم چيو ته اسان نٿا چاهيون ته اسان نيشنل ڪاربن مارڪيٽ فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. دنيا کي پاڪستان جهڙن ترقي يافته ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. پاڪستان متبادل توانائي جي ذريعن مان سرمائيڪاري جو خواهشمند آهي.شهباز شريف چيو ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان وقت تي قدم نه کنيا ته ايندڙ نسلون اسان کي معاف نه ڪنديون. وزيراعظم چيو ته ترقي يافته ملڪن کي 2030 تائين 6 هزار ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. واعدن ۽ يقين ڏيارڻ جي باوجود وڏي پيماني تي فرق وڌندو پيو وڃي. پاڪستان اڃان تائين ٻوڏ جي نقصانن مان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪاپ 29 هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو جيڪڏهن اسان وقت تي قدم نه کنيا ته ايندڙ نسلون اسان کي معاف نه ڪنديون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو