4

“خيرپور ۾ نارا جي رهواسي پيرسن جو پٽن خلاف احتجاج، تشدد ۽ گهران لوڌي ڪڍڻ جا الزام”

خيرپور (رپورٽر ) خيرپور ۾ نارا جي رهواسي پيرسن جو پٽن خلاف احتجاج، تشدد ڪري گهران لوڌي ڪڍڻ جا الزام، پوليس دانهڻ باوجود ڪوبه تدارڪ نه ڪيو، نافرمان پٽن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، پيرسن جو مطالبو. تفصيل مطابق خيرپور ۾ تعلقو نارا جي کهنواري ٿاڻي جي حد ڳوٺ چوهڙ خان شر جي رهواسي پيرسن محمد يوسف ولد محمد اسماعيل شر پنهنجي نافرمان پٽن نظر محمد شر، امداد علي شر ۽ رفيق ڏنو شر جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته سندس جي پٽن مخالفن جي چوڻ تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائي گهران لوڌي ڪڍي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري هن پوڙهائپ واري عمر ۾ دربدري جو شڪار آهيان. هن ٻڌائيو ته حد جي ٿاڻي کهنواري تي پڻ پنهنجي نافرمان پٽن خلاف دانهن ڏني آهي مگر پوليس پٽن خلاف ڪابه ڪاروائي نه پيئي ڪري. هن آءِ جي پوليس سنڌ ڪراچي، ڊي آءِ جي پوليس سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نافرمان پٽن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو