سموگ سبب لاهور ۽ ملتان ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو، جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون تي غور، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته لاهور ۽ ملتان ۾ ايندڙ جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون ٿي سگهي ٿو، اربع تائين ٽريفڪ ۽ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس جي صورتحال ڏسي فيصلو ڪيو ويندو، لاهور سموگ جي گهيري ۾ آهي، ڪوهيڙي جي سيزن به شروع ٿي وئي آهي، هن وقت سموگ هڪ نيشنل ڊيزاسٽر آهي جيڪا هيلٿ ڪرائسز ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز سموگ جي روڪٿام لاءِ 10 سالن جي پاليسي لانچ ڪئي آهي.
