35

سکر آرٽس ڪائونسل ۾ آرٽ ڊجيٽلائيزشن ۽ مصنوعي ذهانت تي ٽن ڏينھن وارو پروگرام شروع، مختلف ماهرن ۽ ايوانن جي شرڪت

سکر آرٽس ڪائونسل ۾ آرٽ ڊجيٽلائيزشن ۽ مصنوعي ذهانت جي دنيا جي موضوع تي شروع ٿيل ٽن ڏينھن واري پروگرامن جي پھرين ڏينهن جي افتتاحي تقريب ۾ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل اعجاز احمد شيخ ،ميئر سکر ارسلان اسلام الدين شيخ، ڊي سي سکر راجا ايم بي ڌاريجو ،وائس چانسلر اروڙ يونيورسٽي زاھد حسين کنڊ، وائيس چانسلر بيگم نصرت ڀُٽو يونيورسٽي ڊاڪٽر تهمينه ناگراج صدر آرٽس ڪائونسل ممتاز بخاري مھمان خاص طور شرڪت ڪئي.پروگرم ۾ ميئر سکر ارسلان اسلام الدين شيخ ڳالھائيندي چيو تہ مصنوعي ذهانت جي دنيا جي حوالي سان سکر ۾ پھريون دفعو ھي پروگرام سکر آرٽس ڪائونسل جي طرفان ٿي رھيو آھي.آرٽس ڪائونسل معاشري جي تھذيب ڪلچر جو پليٽ فارم ھوندو آھي.ملڪ کي ٺھي 77سال ٿي چڪا آھن پر اسان اڃان دنيا کان پٺتي پيل آھيون اھڙا پروگرام ٿيڻ گھرجن،آٽيفشل انٽيليجنس ايندڙ وقت جي ضرورت آھي پر ان سان گڏ اسان کي پنھنجو ڪلچر بہ بچائڻو آهي.اروڙ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر زاھد حسين کنڊ ڳالھائيندي چيو تہ اسان جي يونيورسٽي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو ڪورس پڻ پڙھايون اسان کي نئين ٽيڪنالوجي ڏانھن وڃڻو پوندو نہ تہ پٽتي رھجي وينداسين.اڄ ايڪويهين صديءَ جي دنيا ھڪ ڳوٺ وانگر ٿي وئي آھي.ھاڻي اسان انٽيليجنس کي حقيقت سمجھي ھر شعبي ۾ استعمال ٿا ڪريون،ان کي جيڪو اميجز ڏيندؤ اھو ٺاھي ڏيندي. اي آء اسان کي ھر مسئلي مان نڪرڻ جي لاء ٻڌائي سگھي ٿي آرٽس ڪائونسل ۽ اروڙ يونيورسٽي جو پاڻ ۾ چولي دامن جو ساٿ آھي.اسان ڊجيٽل آرٽ اسپيلائيزشن شروع ڪرڻ پيا وڃون.جلد اروڙ يونيورسٽي دنيا جي نمبر ون ڪري ڏيکاريندس.بيگم نصرت ڀُٽو وومين يونيورسٽي جي وائيس چانسلر تهمينه نانگراج چيو تہ سکر آرٽس ڪائونسل ايڏو سرگرمين وارو جيڪو ڪم ڪيو آهي ساراھ جوڳيون آھن ھي ايونٽ تمام اھم آھي ڇوته ھي وقت جي ضرورت آھي.دنيا جي لحاظ سان ھن آرٽيفيشل انٽيليجنس کي قبول نہ ڪيو تہ پٺتي پئجي رھجي وينداسين.ڊجيٽل آرٽ جي تعليم کي اڃان وڌيڪ مضبوط ۽ بھتر بڻايون. اسان جي عورتن جي پنجاھ سيڪڙو آبادي جو وڏو حصو ڳوٺن ۾ رھي ٿو انھن تائين ھن مقصد کي کڻي وڃڻو پوندو.ڊائريڪٽر ڪلچر اعجاز احمد شيخ ڳالھائيندي چيو تہ سکر آرٽس ڪائونسل ٽن ڏينھن وارا پروگرام دنيا جي لاء پيغام آھي.۽ سکر ۾ تمام گھڻا پروگرام ٿيا آھن ھي پروگرام اسان کي سکڻ جو موقعو ڏيندو.ممتازبخاري ڳالھائيندي چيو تہ ھن نوعيت جو پروگرام پھرين ڪنھن بہ ناھي ڪيو اسان نواڻ ۽ نئين پاسي ڏانھن وڃي رھيا آھيو اروڙ يونيورسٽي ۽ بيگم نصرت ڀُٽو وومين يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ ميئر سکر جو ھن پروگرام ڪرائڻ ۾ ڀرپور سھڪار ڪيو آهي.دنيا ھڪ گلوب بڻجي موبائيل جي اسڪرين ۾ اچي وئي آھي آرٽ ھن دور ۾ جيئڻ جو نالو آھي.ايندڙ دنيا آرٽيفيشل انٽيليجنس کانسواءِ ھلي نہ سگھندي.ڊپٽي ڪمشنر سکر راجا ايم بي ڌاريجو چيو تہ سکر آرٽس ڪائونسل ھن موضوع تي پروگرام ڪرائي زبردست ڪم ڪيو آھي مصنوعي ذهانت اڳتي هلي اسان کي اسسٽنٽ ٺاھي ڇڏيندي آرٽ ۽ سائنس جو پاڻ ۾ ھميشه ٽڪراء ھوندو آھي ھاڻي انھن رستن مان اسان کي پنھنجو رستو چونڊڻو آھي.ان جي لاء آرٽ ڪائونسل اسان جو پليٽ فارم آھي. ھن پروگرام جي ڪمپيئرنگ ناليواري شاعر ايازگل ھلائي جڏھن تہ پروگرام ۾ شاگردن شاگردياڻين شھرين اديبن شاعرن سميت،سکرآرٽس ڪائونسل ،ڪراچي آرٽس ڪائونسل ،خيرپور آرٽس ڪائونسل جي عھديدارن ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ پڻ پارايا ويا ،آخر ۾ راڳ رھاڻ جي محفل ٿي.جنھن ۾ فنڪارن پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو.سکر آرٽس ڪائونسل ،ڪراچي آرٽس ڪائونسل کان پوء ھن وقت تائين 130کان مٿي پروگرام ڪرائي چڪي آھي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو