عمرڪوٽ ۾ وحشي چاچي ٻن معصوم ڀاٽين کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب وحشي چاچي سترام داس ميگهواڙ ٻن معصوم ڀائٽين کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.واقعو ڍورو نارو روڊ تي ڳوٺ رانا جاگير ۾ پيش آيو. معصوم سندر ولد راجيش جي عمر 6 سال جڏهن ته نريندر پٽ جيوو جي عمر 8 سال ٻڌائي پئي وڃي.ذريعن موجب ٻئي معصوم ٻارڙا پاڻ ۾ سئوٽ آهن، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري لاش اسپتال پهچايو. پوليس ذريعن موجب قتل جو سبب اڃان تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي.پوليس ذريعن موجب قتل جو سبب اڃان تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پوسٽ مارٽم بعد ڪيس داخل ڪري جاچ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.
