غير ملڪي ميڊيا موجب، پيرس جي فٽبال اسٽيڊيم ۾ فرانس ۽ اسرائيل جو فٽبال ميچ ٿيو، جيڪو ميدان جنگ ۾ تبديل ٿي ويو. اسٽيڊيم ۾ فرانسيسي ۽ اسرائيلي مداحن ۾ جھڙپون ٿيون، ۽ غزہ ۽ لبنان ۾ اسرائيلي بربريت جي خلاف مظاهرين “ميچ آف شيئم” جا نعره لڳايا. فلسطين حامي مظاهرين اسٽيڊيم جي اندر ۽ ٻاهر نهتن مظلوم فلسطينين جي حق ۾ آواز بلند ڪئي ۽ غزہ جنگ ۽ اسرائيل خلاف سخت احتجاج ڪيو، جڏهن ته اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته فلسطيني علائقن ۾ ظلم ۽ بربريت جو سلسلو فوراً بند ڪيو وڃي. فرانسيسي مظاهرين پنهنجي حڪومت کان پڻ مطالبو ڪيو ته اسرائيل جي پٺڀرائي بند ڪري ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن. واضح رهي ته فرانس ۽ اسرائيل جي فٽبال ميچ لاءِ پيرس ۾ چار هزار سيڪيورٽي اهلڪار تعينات ڪيا ويا هئا، پر ان جي باوجود، اهي مظاهرين کي پنهنجي آواز بلند ڪرڻ کان روڪي نه سگهيا.
16