ٺڪراٺو شهر جي ڀوڳڙي محله جي رهواسي مهتم برادري جي عورتن ۽ معصوم ٻارن پاران پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي سندن برادري جي وڏيري احمد زمان مهتم ۽ ايس ايڇ او امداد شر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو، جڏهن ته ايس ايڇ او خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي. احتجاج دوران، شهر جو مک روڊ بند ٿي ويو ۽ ٽريفڪ پڻ معطل ٿي وئي. مظاهرو ڪندڙ عورتن ۾ مائي وزيران، مائي جُمڙِي، مائي پناھ، مائي نورجهان ۽ مائي صغران مهتم شامل هيون، جڏهن ته ارشاد مهتم چيو ته سندن برادري جو وڏيرو احمد زمان مهتم اسان جي مردن مٿان ڪوڙا ڪيس ڪرائي، پوليس کان کنڀراڻ ۽ گم ڪرائڻ ۾ ملوث آهي، جڏهن ته اسان جو ڪو ڏوھ ناهي ۽ نه ئي ڪو پاپ آهي. ارشاد مهتم وڌيڪ چيو ته رات ايس ايڇ او پنجاھ هزار روپيه ورتا ۽ صبح سوير نوجوان ڪاشف علي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ ڄڻا ڄام باريپو کي چار ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيو ويو. جڏهن اسين ان کان بلاجواز جڙتو ڪيس داخل ڪري نوجوانن کي آزاد ڪرڻ لاءِ آواز اٿاريو، ته اسانکي گارگند ڪيو ويو ۽ وڌيڪ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. ايس ايڇ او مبارڪپور ۽ وڏيري جي ونگار ۾، اڄ صبح سوير ايس ايڇ او مبارڪپور امداد شر گهرن تي چڙهائي ڪري نوجوان ڪاشف مهتم کي کنڀي ويو، جڏهن ته نوجوان جي سکر جي سيشن ڪورٽ سڳوري مان ضمانت پڻ ٿي چڪي هئي. جڏهن اسان جا مائٽ ٿاڻو مبارڪپور تي ڪاشف کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ويا، ته ايس ايڇ او انهن کي بدتميزي سان ڌڪ ڏئي ٿاڻو مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ايس ايڇ او امداد شر اهو پڻ چوندو رهيو ته ‘ڪورٽ، جج، وڪيل ۽ پوليس مان پاڻ آهيان، جيتري تائين مان هوندس، اوهان سک سان نه ويهندئو.’
دوسري طرف، الزام هيٺ آيل حاجي احمد زمان مهتم سان رابطو ڪرڻ تي هن چيو ته ڀوڳڙين ۽ لاڙيچا پاڙي جي مهتمن جو پاڻ ۾ گهرو معاملو آهي. چار ڏينهن اڳ رات جو ڀوڳڙين جو ڇوڪرو باريپو مهتم چوري جي الزام هيٺ پڪڙجي پيو هو، جنهن جو معاملو هلندڙ آهي. هن چيو ته مٿان لڳايل سمورا الزام بي بنياد آهن. ايس ايڇ او مبارڪپور پڻ الزام رد ڪندي چيو ته مون اڄ ڪنهن کي به گرفتار ناهي ڪيو. مظاهرو ڪندڙن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان اپيل ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي گم ٿيل نوجوانن کي آزاد ڪرائي، ايس ايڇ او مبارڪپور کي فوري طور هٽايو ۽ انهن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي