30

ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو آپگهاتي حملو، اکين ڏٺن شاهدن گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ ڪري ڇڏي

تفصيل موجب 6 آڪٽوبر تي ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو چيني قافلي تي ٿيل آپگهاتي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ ٿي هئي، ترجمان سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي جنهن بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي 6 آڪٽوبر تي دهشتگردي جو واقعو پيش آيو. جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو سگنل تي خوفناڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻن چيني شهرين سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 4 پوليس اهلڪارن ۽ ٻن رينجرز اهلڪارن سميت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو