پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) پنجاب جي اڳواڻن جو اهم اجلاس پشاور ۾ طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب اجلاس اڄ جمعي جي نماز کان پوءِ طلب ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا چونڊيل ميمبر ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيندا. اجلاس جي صدارت پارٽي چيئرمين بيرسٽر گوهر ڪندو. جڏهن ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سميت ٻيا اڳواڻ به اجلاس ۾ موجود هوندا.پي ٽي آءِ پنجاب جي صدر حماد اظهر کي خصوصي طور تي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اجلاس وزيراعليٰ هائوس ڪي پي ڪي ۾ منعقد ٿيندو.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شيخ وقاص اڪرم تصديق ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ پنجاب جو اجلاس اڄ ضرور ٿيندو، پنجاب ۾ اجلاس ڪرڻ ۾ پريشانيون پيش اچي رهيون هيون انهي لاءِ اجلاس پشاور ۾ طلب ڪيو ويو آهي.
12