تفصيل موجب، 54 آمريڪي ڪانگريس ميمبرن صدر جوبائيڊن کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو. خط ۾ ذڪر ڪيو ويو ته 2024 جي چونڊن کان پوءِ پاڪستان ۾ انساني حقن جي شديد ڀڃڪڙي ڪئي وئي، خاص طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي چونڊ عمل کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان جي باوجود، پي ٽي آءِ جي اميدوارن آزاد حيثيت ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
ڪانگريس ميمبرن وڌيڪ چيو ته حڪومت چونڊ خدشن وارين رپورٽن کي عوام آڏو آڻڻ کان روڪيو، ۽ چونڊن کان پوءِ عدليه جي آزادي ۽ انساني حقن جون وڌيڪ ڀڃڪڙيون ٿيون. پاڪستان جي مقبول اڳواڻن جي مسلسل قيد پڻ ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي.
خط ۾ شاهه محمود قريشي، ياسمين راشد، ۽ ٻين سياسي قيدين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو ويو ۽ آمريڪي سفارتخاني کي حڪمت عملي اپنائڻ جي هدايت ڪئي وئي. توقع ظاهر ڪئي وئي ته آمريڪا پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو.
ياد رهي ته گذريل مهيني، آمريڪي ڪانگريس جي 62 ميمبرن پڻ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي آزادي لاءِ صدر بائيڊن کي خط لکيو هو، جنهن ۾ انهن جي حفاظت لاءِ پاڪستاني عملدارن کان ضمانت وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.