جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ جي احتجاج کي پنهنجن کنيل قدمن ذريعي پهريان ئي ڪامياب بنائي ڇڏيندي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ ۾ هڪ وڏي ڊائيلاگ جي ضرورت آهي. بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ امن امان سميت ڪجهه معاملن تي ڳالهيون ڪرڻيون آهن. باجوڙ ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻ کي نشانو بنايو ويو هن وقت پوري خيبرپختونخواهه ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته امن امان جي ذميواري حڪومت جي آهي، اسان کي پنهنجي پاليسي کي نئين سري سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. ڇا افغانستان جي ذ۾يواري ناهي ته هو پنهنجي زمين پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏئي. بدامني جا اثر سڌو سنئون اسان جي معيشت تي پئجي رهيا آهن. وڏن وڏن مسئلن تي جيڪڏهن گڏجي نه ويٺاسين ته مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج جي اڳيان وڌڻ سان عوام کي ڪهڙو فرق پئجي رهيو آهي؟ ڇا پيٽرول ۽ بجلي جي بلن ۾ عوام کي رليف ڏنو ويو؟ انڊسٽريون بند پيل آهن، بجلي جون قيمتون گهٽ ٿيڻ گهرجن. جاگيردارن تي ٽيڪس لڳائڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا پر انهي سان به ڪوبه فرق نٿو پوي. ڊرامو ڪري عوام کي بيوقوف بنائڻ جو عمل ختم ٿيڻ گهرجي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته آءِ ايم ايف سولر کي گهٽ ڪرڻ جو چيو آهي، اوهان انهي کي قبول ڪيو، سولر جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي، هڪ ڏينهن چون ٿا مني بجيٽ ايندو، ٻئي ڏينهن چون ٿا نه ايندو. هن سال حڪومت آفيسرن جي لاءِ هڪ هزار 87 گاڏيون ختيد ڪرڻ جي لاءِ 5 ارب روپيه مقرر ڪيا آهن. پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) ڳٺ جوڙ ڪيو ويٺل آهن. نوازشريف چيو ته مون طئي ڪري ورتو هو ته اڪثريت نه ملي ته وزيراعظم نه بڻجندس، جيڪڏهن اوهان کي ووٽ نه مليا هئا ته ايم اين اي ڇو بڻجو. پ پ جي سنجيده ماڻهن کي چوان ٿو ته نوازليگ وسامندڙ چراغ آهي. حڪومت پي ٽي آءِ جي احتجاج کي پنهنجن کنيل قدمن ذريعي پهريان ئي ڪامياب بنائي ڇڏيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جو وڏو پروٽينشل آهي اڃان تائين اسان ملڪ ۾ آءِ ٽي جي مناسب پاليسي نه آڻي سگهيا آهيون، انهي کي بهتر بنائڻ جي بجاءِ انٽرنيٽ کي سلو ڪيو ويو آهي
8