سندھ هاءِ ڪورٽ: “محبت ۽ پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي”، جسٽس ظفر راجپوت جا دلچسپ رمارڪس
سندھ هاءِ ڪورٽ ۾ مزار قائد جي ويجهو غير قانوني تعميرتن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس ظفر راجپوت دلچسپ رمارڪس ڏيندي چيو، “محبت ۽ پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي”.
درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جمشيد ٽائون جي پلاٽ نمبر 211 تي غير قانوني پلازا تعمير ڪيو پيو وڃي، ۽ ان لاءِ اشتهار پڻ شايع ڪيا پيا وڃن، جيڪي مزار قائد جي تقدس جي خلاف آهن.
عدالت اشتهارن جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاريو ۽ وڌيڪ دليلن لاءِ ٻڌڻي کي ٽي هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.