تفصيلن مطابق، ماجهي وال جي رهواسي محنت ڪش محمد حفيظ جو 14 سالن جو پٽ عبدالقدير، جيڪو ابلن انڊن وڪرو ڪري پنهنجي پيءُ جي مدد ڪندو هو، آچر جي شام گهران انڊا وڪڻڻ لاءِ نڪتو ۽ گم ٿي ويو.
مقتول جي والد حفيظ طرفان ٿاڻي ڊجڪوٽ پوليس کي ٻار جي گمشدگي بابت اطلاع ڏنو ويو، پر پوليس لاپرواهي ڪندي ٻار کي ڳولهڻ ۾ ناڪام رهي.
رپورٽ موجب، سومر جي صبح ڳوٺ جي ويجهو خالي پلاٽ مان عبدالقدير جي لاش هٿ آئي. نامعلوم جوابدار مبينا طور ٻئي هنڌ تي زيادتي ڪرڻ کان پوءِ تيز ڌار اوزار سان ٻار جو ڳلو ڪپي، لاش پلاسٽڪ ۾ ويڙهي پلاٽ ۾ اڇلايو.
فرانزڪ سائنس ايجنسي جي عملي واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون، جڏهن ته مقتول عبدالقدير جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ڊجڪوٽ منتقل ڪيو ويو.