7

گهرو وزير محسن نقوي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

وفاقي گهرو وزاير محسن نقوي جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي.

محسن نقوي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جا معاملا، سياسي ۽ ملڪ جي گڏيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير محسن نقوي مولانا فضل الرحمان جي خيريت پڇا ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

محسن نقوي 26هين آئيني ترميم جي منظوري ۾ تاريخ ساز ڪردار تي مولانا فضل الرحمان جو ٿورو اد اڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان هميشه پاڪستان جي  مفادن کي اهميت ڏني آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي ترجيح پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو