13

اسان کان غيرآئيني ڪم ڪرائڻ چاهيو ٿا؟ سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪونسل کي پارلياماني پارٽي قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سني اتحاد ڪونسل کي پارلياماني پارٽي قرار ڏيڻ خلاف درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکندي داخل ڪيل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. مولوي اقبال حيدر چيو ته منهنجي طرفان درخواست وقت تي داخل ڪئي وئي هئي، هاڻ نظرثاني ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، چاهيان ٿو ته ڪنهن به ڪيس ۾ هن معاملي کي به ڏٺو وڃي.

جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اوهان اسان کان غير آئيني ڪم ڇو ڪرائڻ چاهيو ٿا، اميدوارن جي مرضي آهي سياسي پارٽي ۾ شامل ٿين يا نه ٿين. آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته مولوي اقبال صاحب اوهان ٻيهر انهي طرف وڃي رهيا آهيو جنهن جي ڪري پابندي لڳي هئي. جنهن کان پوءِ عدالت درخواست  تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکندي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

آئيني بينچ سائلين کي سپريم ڪورٽ تائين پهچڻ نه ملڻ بابت درخواست به رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران  درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 90 سيڪڙو سائلين کي سپريم ڪورٽ تائين  پهچ ئي نٿي ملي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اسان اوهان کي سڌو سنئون ٻڌي رهيا آهيون، انهي کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي پهچ گهرجي، اوهان ته پنهنجي ئي اداري کي تباهه ڪري رهيا آهيو، ڪو چوي ٿو ته اسان جي عدليه جو نمبر 120 آهي ۽ ڪو چوي ٿو ته اسان جي عدليه جو نمبر 150 آهي خبر ناهي ته اهي نمبر ڪٿان کان آيا آهن.

اعليٰ عدالتي فورمز تي ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ٽائيم فريم طئي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي جي دوران جسٽس عائشه ملڪ ريمارڪس ڏنا ته فوجداري قانون سميت ڪيترن ئي قانونن ۾ ٽائيم لائين موجود  آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته ٽائم لائن جي لاءِ پارليامينٽ ۾ وڃي قانونسازي ڪرائي وٺو. درخواستگذار حسن رضا چيو ته ٽرائل مڪمل ٿيندي ٿيندي 20 کان 40 سال لڳي ويندا آهن.

جسٽس عائشه ملڪ ريمارڪس ڏنا ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو ۽ نه وري الزام لڳايو، سسٽم پرفڪيٽ نه آهي پر اڳڀرائي ٿي رهي آهي اوهان جي درخواست نيشنل جوڊيشل پاليسي بابت آهي. آرٽيڪل 184 جي شق 3 جي تحت درخواست تي ڪنهن کي هدايت جاري نه ڪنداسين، جتي اصلاحات ٿي رهيون آهن اتي وڃي شموليت اختيار ڪريو، اهو اسان جو ڪم نه آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اسان آئين ۽ قانون جا تابع آهيون، جسٽس مسرت بلالي چيو ته جيڪڏهن اسان جي طرفان به سخت رد عمل آيو ته مايوسي پکڙجي ويندي. جسٽس عائشه ملڪ ريمارڪس ڏنا ته عدالتي ريفارمز جي لاءِ اينڊ جسٽس ڪميشن موجود آهي اتي وڃي رابطو ڪريو. جنهن کان پوءِ عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ درخواست رد ڪري ڇڏي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو