سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ سنڌ مارڪيٽ ڪميٽي ايمپلائيز ايسوسيئيشن طرفان ڪارخانن مان مارڪيٽ فيس جي گهٽ اوڳاڙي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڊيفالٽ ڪارخانن جي لسٽ ۽ مارڪيٽ فيس جو شيڊيول روائيز ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن پيش نه ڪرڻ تي ناراض، مهلت طلب ڪرڻ تي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي، سنڌ مارڪيٽ ڪميٽي ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي صدر حامد علي سهتو، جنرل سيڪريٽري طارق اڪبر، نثار احمد اوڍو ۽ ٻين طرفان مارڪيٽ ڪميٽي فيس گهٽ مقرر ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ وڪيل معرفت داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل ڊويزن بئنچ آڏو درخواستگذارن جي وڪيل سهيل کوسو دليل ڏيندي چيو ته سيڪريٽري زراعت پرائيس ڪنٽرول/بيورو آف سپلاءِ طرفان عدالت جي حڪم باوجود مارڪيٽ فيس نه ڏيندڙ ڊيفالٽ ڪارخانن جي لسٽ ۽ مارڪيٽ فيس جو شيڊيول روائيز ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ناهي ڪيو ويو، جيڪو عمل توهين عدالت ڪرڻ جي زمري ۾ اچي ٿو، جنهن تي عدالت ناراضگي جو اظهار ڪيو، ان دوران سرڪاري ڌر جي وڪيل عدالت کي مهلت ڏيڻ جي استدعا ڪئي، جنهن بعد عدالت سيڪريٽري زراعت پرائيس ڪنٽرول / بيورو آف سپلاءِ کي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ان حوالي سان درخواستگذارن حامد علي سهتو، نثار احمد اوڍو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيڪريٽري زراعت پرائيس ڪنٽرول/بيورو آف سپلاءِ طرفان سال 2011ع ۾ مارڪيٽ ڪميٽي فيس اوڳاڙي جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سارين جي اي ڪيٽيگري ڪارخانن مان 40 هزار، بي ڪيٽيگري ڪارخانن مان 30 هزار ۽ سي ڪيٽيگري تحت 20 هزار رپيا مارڪيٽ فيس اوڳاڙي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته موجوده حالتن جي پٽاندڙ ڄاڻايل ڪيٽيگري وائيز ڪارخانن مٿان ڏيڍ لک کان هڪ لک رپين تائين سالياني مارڪيٽ فيس لاڳو ٿئي ٿي، ان کان علاوه سنڌ جي مختلف مارڪيٽ ڪميٽين کي ڪارخانيدار جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب مارڪيٽ فيس به نه ٿا ڏين، ڊيفالٽ ڪارخانن مان مارڪيٽ فيس نه ملڻ ڪري مارڪيٽ ڪميٽين جي آمدني گهٽجي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل 12 ورهين ۾ سارين ۽ ٻين ڪارخانن مان 3 ارب 53 ڪروڙ 53 لک 20 هزار رپيا گهٽ اوڳاڙي ٿي، جڏهن ته شگر ملن کان بقاياجات جي مد ۾ 3 ارب 73 ڪروڙ 63 لک 646 رپيا اوڳاڙي نه ٿيڻ ڪري مارڪيٽ ڪميٽين کي مالي نقصان ٿيڻ سبب خساري واري صورتحال آهي، خساري جي نتيجي ۾ مالي بحران وڌي ويو آهي، سنڌ جي مارڪيٽ ڪميٽين مان سال 2002ع کان وٺي هن وقت تائين 325 ملازم ريٽائرڊ ڪري ويا آهن، گهٽ آمدني ٿيڻ ڪري مارڪيٽ ڪميٽين جي حاضر سروس ملازمن کي پگهارون ۽ رٽائرڊ ملازمن کي پينشن توڙي گريجوئٽي جي رقم ڏيڻ جا مسئلا درپيش اچي رهيا آهن، جيڪي ورهين کان حل نه ٿيڻ ڪري رولڙي جي ورچڙهيل آهن، اسان جي عدالت کي استدعا آهي ته مارڪيٽ فيس شيڊيول روائيز ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرائي ڊيفالٽ ڪارخانن مان ڊپٽي ڪمشنرن معرفت اوڳاڙي ڪرائي وڃي.
7