10

هڪ ٻيو ناڪاره جهاز روڊ ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ کان حيدرآباد طرف روانو

  ڪراچي ايئرپورٽ کان هڪ ٻئي ناڪاره جهاز کي حيدرآباد جي لاءِ روانو ڪيو ويو آهي. جهاز کي روڊ ذريعي نيشنل هاءِ وي حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي. جهاز کي ٽن حصن ۾ ورهائي ملٽي ايڪسل ٽريلر تي منتقل ڪيو ويو.

ناڪاره جهاز 150 ڊگهو ۽ 140 ٽن وزني آهي جهاز 8 ڪلاڪن جي ڊگهي سفر کان پوءِ ڪراچي ايئرپورٽ کان حيدرآباد پهچندو. سي اي اي جي ترجمان موجب ڪراچي ايئرپورٽ تي 13 سال اڳ ڪريش لينڊنگ ڪندڙ سعودي جهاز کي وڏي ٽرالر تي حيدرآباد اماڻيو پيو وڃي.

جهاز جي منتقلي جرمن ٽيڪنالاجي رکندڙ ڊگهي ترين ٽرالر جي ذريعي ڪئي پئي وڃي ۽ انهي حوالي سان لاڳاپيل اٿارٽيز کان اين او سي اڳ ئي حاصل ڪئي وئي هئي.

پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي تربيتي اداري(ڪٽائي) ۾ منتقل ٿيندڙ اهو ٻيو جهاز آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ به هڪ بوئنگ جهاز کي موٽر وي جي رستي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو