پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. گڏيل قومن پهريون ڀيرو 20 نومبر 1954ع تي انٽرنيشنل چلڊرن ڊي ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو ته جيئن ٻارن جي تعليم، تربيت، معاشرتي ومذهبي تربيت بابت شعور کي اجاگر ڪري سگهجي ۽ سڄي دنيا جا ٻار مستقبل ۾ پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪري سگهن.
اهڙي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن جي عزت افزائي، حوصله افزائي ۽ حقن جي پاسداري کي يقيني بنائڻ آهي. سڄي دنيا ۾ ٻارن کي تشدد جي مختلف قسمن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جنهن سان ٻارن جي نشونما تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. ٻارن جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد عالمي سطح تي ٻارن جي حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ انهن جي تعليم، صحت ۽ هڪ بهتر زندگي جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. انهي ڏينهن جي هڪ ٻئي اهميت 20 نومبر 1989 ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ٻارن جي حقن جو عالمي ڪنوينشن منظور ڪرڻ آهي.
انهي ڪنوينشن ٻارن جي حقن کي عالمي سطح تي قانوني حيثيت فراهم ڪئي ۽ انهي ڳالهه کي يقيني بنايو ته سڄي دنيا جا ٻار محفوظ، خوشحال ۽ تعليم يافته مستقبل جي طرف وڌي سگهن. عالمي سطح تي ٻارن جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا ۾ ٻارن جي حقن جي حفاظت ۽ انهن جي زندگي جو معيار بهتر بنائڻ آهي، انهي ڏينهن جو بنيادي پيغام اهو آهي ته هر ٻار پوءِ اهو چاهي ڪٿي به پيدا ٿيو هجي انهي کي برابري جا حق حاصل هجڻ گهرجن. اهڙن حقن ۾ تعليم، صحت، حفاظت ۽ هڪ بهتر ماحول شامل آهن، اهو ڏينهن انهي ڳالهه جي به اهميت کي اجاگر ڪري ٿو ته ٻارن کي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ ٻرابري جو حصو ملڻ گهرجي ته جيئن اهي بهتر مستقبل جي طرف وڌي سگهن.