پيرجوڳوٺ ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي شاندار تقريب: شاگردن ۽ استادن جو ثقافتي پروگرام
پيرجوڳوٺ (رپورٽر) – گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪوٽ دينل شاهه ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن ثقافتي لباس ۾ شرڪت ڪئي. ان پروگرام ۾ مختلف ثقافتي ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪيون ويون، جن کي حاضرین پاران زبردست داد مليو.
پروگرام ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر رفيق احمد ميمڻ، استاد ڪرم علي خاصخيلي، استاد مختيار چنو، استاد سيد شميم شاه راشدي ۽ ٻين تدريس ۽ انتظامي عملدارن شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ شاگردن ثقافتي لباس ۽ ٽوپي اجرڪ پهني شرڪت ڪئي، ۽ انهن ثقافت جي اهميت تي مختلف ٽيبلوز ۽ قومي گيتن تي رقص پيش ڪري، ثقافت جي خوبصورتي کي اجاگر ڪيو.
اسڪول جي هيڊ ماستر رفيق احمد ميمڻ ۽ ٻين استادوں جو چوڻ هو ته، “اسان پنهنجي هزارين سالن قديم ۽ شاندار ثقافت جا وارث هئڻ تي فخر محسوس ڪندا آهيون.” هنن وڌيڪ چيو ته، “سنڌي ميڊيا جو ٿورائتا آهيون، جن ثقافت جي اهميت ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.”
استادن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ثقافتي ڏهاڙي کي ملهائڻ سان اهو پيغام ملي ٿو ته اسان سڀ هڪ قوم آهيون، ۽ سنڌ جي هر هڪ فرد کي پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت آهي. ان طرح، ثقافتي پروگرام ۽ ڏهاڙا نه صرف اسان جي موجوده نسل کي اهميت ڏين ٿا، بلڪه ايندڙ نسلن لاءِ به هڪ قيمتي ورثو ڇڏي وڃن ٿا.
آخر ۾، هنن سڀني ثقافتي سرگرمين جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اهڙا ثقافتي ڏهاڙا منائڻ سان اسان پنهنجي ثقافت ۽ ورثي کي محفوظ رکي سگهون ٿا، ۽ ان جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪري سگهون ٿا.