پريالوءِ (رپورٽر): پريالوءِ لڳ ڳوٺ محمد پڃيل اوڍو جي رهواسين پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي تدارڪ جو مطالبو ڪيو ويو. تفصيل موجب، ڳوٺ محمد پڃيل اوڍو جي رهواسين فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.
مظاهرو ڪندڙ ڳوٺاڻن، جن ۾ راجا اوڍو، گل حسن اوڍو، عاشق اوڍو ۽ ٻيا شامل هئا، ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته پوليس بنا جواز سندن گهرن تي چڙهائي ڪري، قيميتي سامان ڦرلٽ ڪيو آهي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته پوليس سون، روڪ رقم، سولر پليٽون، اناج، هنڌ ۽ ٻيو سامان موبائل ۾ وجهي کڻي وئي آهي.
راجا اوڍو وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس مردن ۽ عورتن کي حراسان ڪري رهي آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻن ۾ خوف ۽ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي. مظاهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي، کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ انصاف ڏنو وڃي.
مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تدارڪ نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.