ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ڀارت جي هندو انتهاپسند پارٽي بي جي پي سان تعلق رکندڙ گهرو وزير اميت شاهه جي پٽ جي شاهه آءِ سي سي چيئرمين شپ جي ذميواري سنڀالي ورتي آهي. آءِ سي سي به تصديق ڪري ڇڏي آهي ته جي شاهه بطور آءِ سي سي چيئرمين جي عهدي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. آءِ سي سي چيئرمين جي حيثيت سان جي شاهه جي عهدي جو مدو شروع ٿي ويو آهي. جي شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته آءِ سي سي چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ تي فخر محسوس ڪري رهيو آهيان. آءِ سي سي ڊائريڪٽر ۽ بورڊ جي حمايت ۽ ڀروسي جو شڪر گذار آهيان. هن چيو ته اهو راند جي پرجوش لمحو آهي، اسان اولمپڪس 2028 جي تياري ڪري رهيا آهيون، اسان ڪرڪيٽ کي شوقينن جي لاءِ وڌيڪ دلچسپ بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان هڪ اهم موڙ تي آهيون. جتي مختلف فارميٽس موجود آهن. هن چيو ته عورتن جي راندين جي ترقي کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪرڪيٽ ۾ عالمي سطح تي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. راندين کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ آءِ سي سي ٽيم ۽ ميمبر ملڪن سان ويجهي کان ڪم ڪرڻ جو منتظر آهيان. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ذريعن جي حوالي سان اهي خبرون سامهون آيون هيون ته چيمپين ٽرافي جي معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ بي سي سي آءِ وچ ۾ ڊيڊ لاڪ کان پوءِ چيئرمين آءِ سي سي گريگ بارڪلي جي ملازمت واري مدي ۾ هڪ مهيني جي واڌ ٿي سگهي ٿي. پر هاڻ رپورٽون آهن چيمپين ٽرافي جو معاملو سڀاڻي تائين حل ٿيڻ جي اميد آهي، هاڻ انهي ڳالهه جو امڪان آهي ته آءِ سي سي بورڊ ميمبرن جي گڏجاڻي ۾ ووٽنگ کان اڳ ئي چيپين ٽرافي جو معاملو حل ٿي ويندو.
