پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻيون ٽي 20 ميچ اڄ کيڏيو ويندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ ڪوئنز اسپورٽس ڪلب بلاوائيو ۾ پاڪستاني وقت موجب شام جو ساڍي 4 وڳي شروع ٿيندو، زمبابوي ٽيم جي قيادت سڪندر رضا ڪري رهيو آهي جڏهن ته قومي ٽيم جي ڪمان سلمان علي آغا جي هٿ ۾ آهي. ياد رهي ته پاڪستان جي ٽيم کي 3 ميچز جي سيريز ۾ زمبابوي جي خلاف هڪ ٻُڙي جي برتري حاصل آهي، پاڪستاني ٽيم زمبابوي کي پهرين ٽي 20 ميچ ۾ 57 رنسن تي شڪست ڏني هئي. ٽن ٽي 20 ميچز جي سيريز ۾ پاڪستان کي زمبابوي جي خلاف 0-1 جي برتري حاصل آهي. ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي، ٽيم ۾ ڪپتان سلمان آغا، صائم ايوب، عميرين يوسف، عثمان خان، طيب طاهر، عرفان خان، جاهنداد خان عباس آفريدي، حارث رئوف، ابرار احمد ۽ سفيان مقيم شامل آهن.
