85

آسٽريليا ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ 5 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ايڊيليڊ ۾ کيڏي وئي جنهن جو فيصلو صرف 7 سيشنز ۾ ڪيو ويو. ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ ميزبان ٽيم ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز هڪ، هڪ تان برابر ڪري ڇڏي، بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ ۾ آسٽريليا ڀارت کي هر وقت مات ڏئي ڇڏي. ان ميچ ۾ ڪپتان روهت شرما جو بيٽنگ آرڊر تبديل ڪرڻ به ڪم نه آيو ۽ هو بری طرح ناڪام رهيو. ويرات ڪوهلي به وڏو اسڪور نه ڪري سگهيو. ٻنهي اننگز ۾ ڀارت اڌ سينچري به نه ٺاهي سگهي. ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن ڀارتي ٽيم ٻي اننگز ۾ 175 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ 19 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ويو، جيڪو ڪينگروز بغير ڪنهن وڪيٽ جي نقصان جي حاصل ڪري ورتو. پهرين اننگز ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي ٽريوس هيڊ کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ڪپتان پيٽ ڪمنز ٻئي اننگز ۾ 5 وڪيٽون ورتيون. اسڪاٽ بولينڊ 3 ۽ مچل اسٽارڪ 2 وڪيٽون ورتيون. پهرين ڏينهن تي ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو. پوري ٽيم 180 رنسن تي ڍير ٿي وئي. نتيش ڪمار ريڊي 42 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. آسٽريليا طرفان سڀ کان ڪامياب بالر مچل اسٽارڪ رهيو، جنهن 6 وڪيٽون ورتيون. پيٽ ڪمنز ۽ اسڪاٽ بولينڊ ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 337 رنسون ٺاهي ڀارت تي 193 رنسن جي برتري حاصل ڪري ورتي. ٽريوس هيڊ تيز ترين گلابي بال تي ٽيسٽ سينچري اسڪور ڪئي ۽ 141 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. مارنوس لڀوشن 64 رنسون ٺاهيون. واضح رهي ته پرٿ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت آسٽريليا کي 295 رنسن تان شڪست ڏئي هڪ صفر جي برتري حاصل ڪري ورتي هئي ۽ ايڊيليڊ ۾ آسٽريليا جي ڪاميابي سان پنجن ٽيسٽ ميچن جي سيريز هڪ، هڪ تان برابر ٿي وئي آهي. ٽين ٽيسٽ 14 ڊسمبر کان برسبين ۾ کيڏي ويندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو