پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفي چيو آهي ته جهڙي طرح اوهان جو حق آهي ته پنهنجو ادارو صنعت واري وزارت سان رجسٽرڊ ڪرايو اهڙي طرح اسان جو به حق آهي ته اسان پنهنجو ادارو تعليم واري وزارت سان گڏ رجسٽرڊ ڪرايون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا طاهر اشرفي چيو ته 2019 ۾ مدرسن کي تعليم واري وزارت سان جوڙيو ويو هو انهي تي خوشيون به ملهايون ويون، گڏيل مطالبو هو ته عربي جي مدرسن کي تعليم واري وزارت سان جوڙيو وڃي. هن چيو ته خوف پکيڙيو پيو وڃي ته ڪير ايندو ۽ مدرسن جو نصاب تبديل ٿي ويندو هتي هاڻ اهو ممڪن نه آهي، اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته عالم يا مڪاتب فڪر پاڻ ۾ آمهون سامهون آهن جهڙي طرح اوهان جو حق آهي ته پنهنجو ادارو صنعت واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرايو اهڙي طرح اسان کي به حق حاصل آهي ته اسان پنهنجو ادارو تعليم واري وزارت سان گڏ رجسٽرڊ ڪرايو، اسان جي تربيت گاريون يا ڪنهن تي آڱر کڻڻ جي نه آهي، اسان جو ڪنهن سان به جهيڙو نه آهي. مولانا طاهر اشرفي چيو ته مدرسن بابت معاهدي تي مولانا تقي عثماني، مفتي منيب ۽ ٻين عالمن جون صحيحون ٿيل آهن، صحيح ڪندڙ اهي سمورا عالم اسان جي لاءِ احترام جوڳا آهن اوهان جي اداري کي حڪومت بورڊ جي حيثيت ڏني، اسان اهو به مڃي رهيا آهيون ته اسان جي ادارن کي به بورڊ جي حيثيت ڏني وئي، اوهان انهي کي تسليم ڪريو مان پنهنجي حق جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان منهنجو حڪومت سان ڪوبه تعلق نه آهي.
7