7

افغانستان ۾ آپگهاتي ڌماڪو: طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو

افغانستان ۾ پناهگيرن جي وزارت واري آفيس تي  مبينه آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب طالبان وزير خليل الرحمان حقاني جي ڀائٽي انس حقاني تصديق ڪئي آهي ته ان جو چاچو ڌماڪي ۾ مارجي ويو آهي. 58 ورهين جي خليل الرحمان حقاني نيٽ ورڪ جو هڪ سينئر اڳواڻ هو ۽ 2021 ۾ افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسي کان پوءِ  طالبان جي عبوري حڪومت ۾ وزير بڻجو. افغان ميڊيا موجب ڌماڪو وزارت جي آفيس ۾ ٿيو جتي وزير خليل الرحمان حقاني هڪ اهم گڏجاڻي ۾ مصروف هو. طالبان اهلڪارن واقعي واري هنڌ جو گهيراءُ ڪري ورتو. ڌماڪي جي نوعيت جي حوالي سان جاچ جاري آهي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته امڪاني طور تي اهو ڌماڪو آپگهاتي ٿي سگهي ٿو. پر اڃان تائين ڪنهن به گروپ ڌماڪي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ کان پوءِ اهڙي ڪارروائين ۾ داعش خراسان ملوث رهي آهي. ڪنهن کي به ڌماڪي جي جڳهه تي وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. ڪيتريون ئي ايمبولينس ۽ فائر برگيڊ جي گاڏين کي طلب ڪيو ويو آهي، هر طرف افراتفري پکڙجي وئي، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو