اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته فيض حميد جو صرف ڪورٽ مارشل نه پر سزا به ڏني ويندي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي فيصل واوڊا چيو ته آرمي چيف اڄ طاقتور جي احتساب جي بنياد وجهي ڇڏي آهي. فيض حميد پي ٽي آءِ باني جي خلاف شاهديون ڏئي ڇڏيون آهن، فوجي عدالتن ۾ شاهدين کان پوءِ چارج شيٽ ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته فيض حميد جو صرف ڪورٽ مارشل نه سزا به ڏني ويندي، فيض حميد کان موبائل، ليپ ٽاپ ۽ گهر مان شاهديون ورتيون ويون آهن، اڃان گهڻو ڪجهه ڏسڻ لاءِ ملندو، ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچڻ وارا آهن. فيصل واوڊا چيو ته بشريٰ بي بي چاهي ٿي ته پي ٽي آءِ باني کي ڪجهه ٿئي ته جيئن هن جون سموريون سازشون ڪامياب ٿي سگهن. وزيرآباد ۾ باني تي فائرنگ بابت اڃان گهڻو ڪجهه سامهون اچڻو آهي، ارشد شريف جو ڪيس به کلندو، اڃان گهڻو ڪجهه ٿيڻو آهي، سول نافرماني جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي. هن چيو ته بغاوت جي سزا، موت جي سزا يا عمر قيد ٿيندي آهي، قانون تبديل ڪيو ويو ته بدلجي به ويندو، احتساب به ڪيو ويندو. فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف طرفان پهريون ڌرڻو پشاور ۾ ڏنو ويو، پشاور ۾ ڪور ڪمانڊر فيض حميد هو، وزيرآباد فائرنگ وارو ڪيس کلندو ته سڀ حيران ٿي ويندا.
14