پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جي حڪومتي دعويٰ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، مهانگائي گهٽ نه پر وڌي رهي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي. 9 مئي 24 نومبر جي حوالي سان جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي. هن چيو ته خواجه آصف وٽ ذاتي حملن کان علاوه ٻيو ڪجهه به نه آهي. حڪومت واريءَ جي دڙي تي بيٺل آهي جڏهن ته فيض حميد جو ڪورٽ مارشل فوج جو اندروني معاملو آهي. انهي کان اڳ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عمر ايوب چيو ته مهانگائي وڌي رهي آهي گهٽ نه پئي ٿئي، مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جي حڪومتي دعويٰ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته صنعتون نه پيون لڳايون وڃن ته ترقي ڪيئن ايندي؟ ملڪ ۾ سرمائيڪاري نه پئي اچي پرڏيهي ملڪن جي وفدن جي دورن سان ترقي نه ٿيندي. پي ٽي آءِ اڳواڻ مطالبو ڪيو ته خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ ٺهندڙ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو وڃي ۽ پارلياماني ڪميٽي ۾ اسلام آباد جي احتجاج جو معاملو بحث هيٺ آندو وڃي.
9