منهنجي ملڪ ۾ موجوده صورتحال ايتري پيچيده ٿي وئي آهي جو هر روز نوان مسئلا ۽ معاملا جنم وٺي رهيا آهن. ڪٿي گولين جا آواز آهن، ته ڪٿي احتجاج ۾ آسو گيس جي استعمال سان ماڻهن کي تڪليف پهچائي وڃي ٿي. ان سڄي ماحول ۾ سياست، مذهب، مهانگائي، ۽ رياستي پاليسيون هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آهن، ۽ ان جا اثر عام ماڻهن تي انتهائي خراب پيا آهن سياستدان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر حد پار ڪري رهيا آهن. عوام جي ڀلائي بدران طاقت حاصل ڪرڻ ۽ اقتدار ۾ رهڻ انهن جو پهريون مقصد لڳي ٿو. روزانو نيون سياسي راندون هلي رهيون آهن، جن ۾ پارٽيون هڪٻئي تي الزام تراشيون ڪري رهيون آهن ۽ پنهنجن مفادن لاءِ عوام کي قربان ڪرڻ کان به نه ٿيون ڪيٻائين. احتجاج ۾ عام ماڻهو پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا، پر انهن کي آسو گيس ۽ لاٺي چارج ذريعي چُپ ڪيو وڃي ٿو. هي هڪ اهڙي صورتحال آهي، جتي عوام پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري ٿي، ۽ اعتماد جو فقدان وڌي رهيو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي پنهنجي عروج تي آهي. روزمره جي شين جي قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. عام ماڻهو پنهنجي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام آهن، ۽ ان صورتحال غربت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. ماڻهو روزگار جي تلاش ۾ دربدر ٿي رهيا آهن، پر حڪومت طرفان ڪوبه اثرائتو منصوبو نظر نٿو اچي. هيءَ مهانگائي صرف معيشتي مسئلو نه رهي آهي؛ اهو سماجي عدم استحڪام کي به وڌائي رهيو آهي، مذهب جو نالو وٺي ماڻهن ۾ فرق وڌايو پيو وڃي. ڪي فرد ۽ گروپ پنهنجي مفادن لاءِ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن سان سماج ۾ نفرت ۽ تعصب وڌي رهيو آهي. مذهبي انتشار نه رڳو ماڻهن کي ورهائي رهيو آهي، پر ان سان ملڪ جي امن امان تي به سنگين اثر پئجي رهيا آهن. مذهبي هم آهنگي ۽ گڏيل مقصدن تي ڌيان ڏيڻ بدران، هر گروهه پنهنجي نظريي کي مڙهڻ لاءِ پُرتشدد طريقا اختيار ڪري رهيو آهي.رياست جا ادارا، جيڪي عوام جي خدمت ۽ تحفظ لاءِ ٺهيل آهن، ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجا فرض صحيح طريقي سان ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ڪٿي پوليس جو لاڙو طاقت جي غلط استعمال ڏانهن آهي، ته ڪٿي حڪومت پنهنجي طاقت ڏيکارڻ لاءِ عام ماڻهن کي نشانو بڻائي رهي آهي. ڪيترن ئي مظاهرن ۾ ڏٺو ويو آهي ته مظاهرين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جيڪو حڪومت جي عام ماڻهن سان لاڳاپن تي سوال اٿاري رهيا آهن رڳو تنقيد ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، پر هن صورتحال مان نڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. سياستدانن کي عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، جڏهن ته عوام کي به پنهنجي ذميوارين جو احساس ٿيڻ گهرجي. مذهبي اڳواڻن کي سماج ۾ رواداري ۽ اتحاد کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.حڪومت کي ماڻهن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ انهن کي سماجي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ مضبوط پاليسيون ٺاهڻ گهرجن. ساڳي وقت، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ذميواري سان ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ هڪ صحتمند ۽ پرامن ماحول ٺهي سگهي.ملڪ ۾ موجوده صورتحال چئلينجز سان ڀري پيئي آهي، پر انهن مان نڪرڻ لاءِ اتحاد، ايمانداري، ۽ بهتر حڪمت عملي جي ضرورت آهي. هر شعبي ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪيو وڃي ته جيئن عوام پنهنجي زندگي جو معيار بهتر ڪري سگهي ۽ ملڪ کي هڪ روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃي سگهجي.
118