اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ سان سماجي اڳواڻ محمد خان مهر هيڊ آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ميڊم شائسته بلوچ، پنهنجي روايتي مهمان نوازي کي جاري رکندي، آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي نشاني اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا. ملاقات دوران سماجي ترقي، عوامي ڀلائي ۽ سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسٽيپ فائونڊيشن ڊويزن سکر جو اڳواڻ عثمان سومرو به موجود هو، جنهن سماجي خدمت جي مختلف منصوبن تي روشني وڌي. مهمان محمد خان مهر چيو ته اسٽيپ فائونڊيشن جي خدمتون سنڌ جي عوام لاءِ بيحد اهم آهن ۽ اهڙن ادارن جي اڳواڻي ڪندڙ شخصيتون نوجوان نسل لاءِ مشعل راه آهن. ميڊم شائسته بلوچ پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته سماجي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي
52