احتجاجي مظاهري دوران سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن پارس ڀٽي، شمشاد ٻپڙ ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن سان لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي سگهي ٿي. اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه تان غيرقانوني ڪئنال ڪڍيا ويا ته آبادگار ۽ هاري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته سنڌو درياهه تي ڪنهن به ڊيم يا ڪئنال کي برداشت نه ڪيو ويندو، ۽ جيڪڏهن فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. 22 ڊسمبر تي سکر ۾ پرامن ريلي ڪڍي ويندي، جڏهن ته عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هينڊ بل ورهايا ويا ۽ جاڳرتا مهم هلائي وئي.
36