23

ميان صاحب: 6 ورهين کان گئس جي بندش خلاف چوٿين ڏينهن به شهرين جو احتجاج

ميان صاحب شهر ۾ گذريل 6 ورهين کان گئس جي بندش خلاف شهرين پاران سٽيزن ايڪشن ڪميٽي ۽ الشهباز ڳوٺ سڌار سماجي تنظيم جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو. شهرين عبدالخالق دايو، استاد عبدالنبي ٽانوري ۽ ٻين اڳواڻن جي سربراهيءَ ۾ جامع مسجد کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. شهرين مطالبو ڪيو ته گئس جي فراهمي بحال ڪئي وڃي. هنن چيو ته ڪيترن ئي درخواستن باوجود مسئلو حل نه ٿيو آهي ۽ گئس جا بل موڪلڻ سبب صارفين مالي بحران جو شڪار آهن. احتجاج ڪندڙن سوئي گئس جي اختيارين کان تڪڙي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو