وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته 9 مئي واقعن تي وڌيڪ ڪجهه ماڻهن جا فيصلا هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪيا ويندا. نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن تي وڌيڪ ڪجهه ماڻهن جا فيصلا هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ڪيا ويندا. پي ٽي آءِ باني جو 190 ملين پائونڊز ڪيس به انهي ۾ شامل آهي. هن چيو ته هاڻ ڪيسز جو ڳالهين سان ڪوبه تعلق نه هجڻ گهرجي. پي ٽي آءِ اڳواڻن سان بيڪ چينل رابطا ڪيا پيا وڃن. پي ٽي آءِ کي مشورو آهي ته ڊيڊ لائن ۽ وارننگ ڏيڻ ڇڏي ڏئي. پروگرام ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمدخان چيو آهي ته عمران خان جي خلاف فيصلو ايندو ته انهي جو اثر ڳالهين تي ٿيندو. اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته انهي جو اثر ڳالهين تي ٿيندو اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ باني جي خلاف فيصلو اچي ۽ انهي جو ڳالهين تي اثر نه ٿئي. علي محمدخان چيو ته 9 مئي جي واقعن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ملٽري ڪورٽ ۾ جوابدار کي دفاع ڪرڻ جو مناسب موقعو نٿو ملي. ساک سويلين عدالت جي سزا جي هوندي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن 9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي فوجي عدالتن طرفان سزائون ٻڌايون ويون هيون.
14