31

سيڪيورٽي ادارن کي ڌمڪيون: عدالت گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير کي 34 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

گلگت: گلگت بلتستان  جي دهشتگردي جي انت واري عدالت گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير خالد خورشيد کي 34 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.گلگت جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ اڳوڻي وڏي وزير جي خلاف سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي وڏي وزير کي 34 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت خالد خورشيد تي 6 لک روپيه ڏنڊ به لڳائي ڇڏيو.عدالت آءِ جي پوليس کي حڪم ڏنو ته ڏوهاري کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪيو وڃي. انهي کان علاوه ڏوهاري جو سڃاڻپ ڪارڊ به بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.ياد رهي ته اڳوڻي وڏي وزير تي 26 مئي 2024 تي جلسي ۾ سيڪيورٽي ادارن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام هو انهي کان علاوه خالد خورشيد تي چيف سيڪريٽري ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي به سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام هو.جوابدار جي خلاف دهشتگردي جي ايڪٽ تحت سٽي ٿاڻي گلگت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ياد رهي ته خالد خورشيد ڪيس جي ڪارروائي مان غير حاضر ۽ روپوش رهيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو