36

ڪنڌڪوٽ: ٽن سالن جو معصوم ٻار پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

ڪنڌڪوٽ (اي سيڪشن ٿاڻي حد): ڀٽائي اسڪول ويجهو انجنيئرنگ بنگلو وٽ ٽن سالن جو محمد رافع ولد راحب ملڪ پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. معصوم ٻار جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو، جنهن سبب سندس وارثن ۾ ڳڻتي ۽ بيچيني ڇانيل آهي.گم ٿيل ٻار جي گهر وارن ٻڌايو ته محمد رافع گهر ٻاهران راند ڪرڻ لاءِ نڪتو هو، پر واپس نه موٽيو. وڏي ڳولا جي باوجود سندس ڪو ڏس پتو ناهي مليو. وارثن جو چوڻ آهي ته کين شڪ آهي ته ٻار اغوا ٿي ويو آهي.وارثن اعليٰ اختيارين ۽ عوام کان اپيل ڪئي آهي ته سندن معصوم ٻار جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي ته جيئن سندن پريشاني ختم ٿي سگهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو