خيرپور ڀرسان پيرڳوٺ ڪوٽ مير محمد واري علائقي پير شانهي شاھ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري سولنگي برادري جي ٻن نوجوانن ثناء اللہ ولد صدورو سولنگي ۽ يامين ولد مشتاق سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن. انهي سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته سولنگي ناريجا تڪرار تان ناريجا برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻنهي نوجوانن کي قتل ڪيو آهي. تڪرار ۾ مارجي ويلن جو انگ 7 ٿي ويو آهي. ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ فيض محمد ٻنڊو پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو سولنگي ناريجا تڪرار تان پيش آيو آهي پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي.
1,677