ٻن ٽيسٽ ميچز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 127 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ 251 رنسن جي تعاقب ۾ ويسٽ انڊيز جي پوري ٽيم ٻئي اننگز ۾ 123 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان طرفان سموريون 10 وڪيٽون اسپنرز حاصل ڪيون. ساجد خان 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته 4 وڪيٽون ابرار احمد جي حصي ۾ آيون ۽ هڪ وڪيٽ نعمان علي حاصل ڪئي. پاڪستان ٻئي ڏينهن راند ختم ٿيڻ تي 3 وڪيٽن جي نقصان تي 109 رنسون ٺاهيون هيون جنهن کان پوءِ پاڪستان کي مهمان ٽيم تي 202 رنسن جي برتري حاصل هئي. پاڪستان طرفان ميچ جي ٽئين ڏينهن ڪامران غلام ۽ سعود شڪيل بهترين راند شروع ڪئي پر ٻيا پاڪستاني رانديگر هڪ ٻئي پٺيان وڪيٽون وڃائيندا رهيا. ميزبان پاڪستان طرفان ڪپتان شان مسعود 52 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. محمد هريزه 29، ڪامران غلام 27 ۽ سلمان آغا 14 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا. پاڪستاني ٽيم جا 5 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا. جڏهن ته خرم شهزاد بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو. پاڪستان طرفان بابر اعظم 5، سعود شڪيل ۽ محمد رضوان 2، 2 نعمان علي 9 ۽ ساجد خان 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. ويسٽ انڊيز طرفان جوميل ويريڪن 7 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته گڊاڪش موتي هڪ پاڪستاني رانديگر جي وڪيٽ حاصل ڪئي.
