ڪراچي: اغوا ڪيل 8 سالن جي ٻارڙي چند گھنٽن ۾ بازياب

تفصيلات موجب، ڪراچي جي علائقي سعودآباد ۾ پوليس اغوا ٿيل آٺ سالن جي ٻارڙي کي چند گھنٽن ۾ بازياب ڪري اغواڪار کي گرفتار ڪري ڇڏيو. پوليس موجب، علائقي جا رهواسي هڪ نامعلوم شخص کي ٻارڙي کي وٺي وڃيندي ڏٺو ۽ فوراً پوليس کي اطلاع ڏني. جنهن بعد پوليس بچي جي تلاش شروع ڪئي ۽ چند گھنٽن ۾ ٻارڙي کي بازياب ڪري ملزم کي گرفتار ڪري ورتو. ملزم جي شناخت شان جي نالي سان ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مقدمو درج ڪري ملزم کي تفتشيءَ لاءِ حڪام جي حوالي ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو